پنج ڏينهن

پنج ڏينهن

پنج ڏينهن

پنج ڏينهن (ڪتاب): ننڍي کنڊ جي ويهين صديءَ جي عظيم اردو افسانه نگار سعادت حسن منٽوءَ جي اٺن چونڊ ڪهاڻين جي سنڌي ترجمي تي مشتمل هي ڪتاب رضوان گل جي قلمي پورهئي جو نتيجو آهي. ترجمي نگار، منٽوءَ جي ڪهاڻين جي سهڻي چونڊ سان گڏ، ترجمي ڪرڻ وقت، منٽوءَ جي تحرير جي انداز ۽ اصل روح کي قائم رکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. ڪتاب بابت ”ٻه اکر“ لکندي رياضت ٻرڙي لکيو آهي ته: ”سنڌي پڙهندڙن لاءِ منٽوءَ جو نالو ڪنهن به طرح اوپرو ناهي ۽ اهي منٽوءَ جي تحرير جي انداز جا شيدائي رهيا آهن.“ جڏهن ته ’احسان دانش‘ هن ڪتاب بابت لکيو آهي ته: ”هن ڪتاب ۾ شامل ڪهاڻيون رڳو ڪهاڻيون ناهن، پر اسان جي سماج جون اجتماعي درد ڪٿائون آهن“. ليکڪ ڪتاب جي ارپنا پنهنجي والد ڊاڪٽر بشير احمد شاد جي نالي ڪئي آهي، ڪچي جلد سان ڊيمي سائيز جي 101 صفحن تي مشتمل هي ڪتاب، ڊاڪٽر محبت اڪيڊمي قمبر، جولاءِ 2005ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو آهي. هن ڪتاب جي قيمت 60 روپيا آهي.


لفظ پنج ڏينهنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو